جتوئي مظهر علي ڪامريڊ

جتوئي، مظهر علي، ڪامريڊ: ڪامريڊ مظهر علي جتوئي، باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جو ٻيو نمبر فرزند هو. 1934ع ڌاري گھوٽڪيءَ ۾ جنم ورتائين. ننڍي هوندي کان محنتي ۽ ذهين شاگرد هو. پنهنجي والد جي سرڪاري نوڪري ۾ هئڻ دوران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ والد سان گڏ رهيو. بي. اي آنرز سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. گڏوگڏ ايل. ايل. بي به امتيازي پوزيشن سان پاس ڪيائين. پوءِ هن حيدرآباد جي مشهور وڪيل الهه بچايي آخوند جي رهبريءَ ۾ وڪالت شروع ڪئي. 1959ع ۾ سندس شادي قاضي محمد صادق جي نياڻيءَ سان ٿي. وڪالت کانپوءِ پيشيورانه ذميدارين جي حوالي سان ڪامريڊ مظهر، نيشنل بئنڪ ۾ ملازمت اختيار ڪئي، جتي اعليٰ عهدي تي پهچي رٽائر ٿيو. ڪامريڊ حيدر بخش جي فرزند هئڻ ڪري منجهس ننڍي هوندي کان ئي جدوجهد جو جذبو موجود هو. ان ڪري پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ سنڌ هاري ڪميٽيءَ کي هڪ ڀيرو منظم ۽ فعال ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪيائين. 1995ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو صدر منتخب ٿيو. هن باباءِ سنڌ جي جدوجهد کي هڪ نئون رنگ ڏنو. هن هارين جي حقن جي پرچار ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي اجتماعي قومي مسئلن، خاص ڪري ’ڪالا باغ ڊيم‘ خلاف ڀرپور جدوجهد ڪئي. طبيعت جي بيحد ناسازيءَ جي حالت ۾ به ڪالاباغ ڊئم خلاف ڪمون شهيد وٽ لڳل ڌرڻي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو، سيد امداد شاهه ۽ ٻين قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان گڏ شريڪ ٿيو، جتي شديد گرميءَ سبب ڪامريڊ مظهر جي طبيعت خراب ٿي پئي ۽ کيس ترت اسپتال پهچايو ويو، پر چند ڏينهن کان پوءِ، 22 آگسٽ 1998ع تي دل بيهڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
ڪامريڊ مظهر جتوئيءَ کي غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري جي صحن ۾، والد ۽ والده کان اُتر- اوڀر طرف طرف پارڪ ۾ دفن ڪيو ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.00.00  عيسوي

ڪامريڊ مظهر علي جتوئي 1934ع ڌاري گھوٽڪيءَ ۾ جنم ورتائين .


1998.08.22  عيسوي

ڪامريڊ مظهر جتوئيءَ 22 آگسٽ 1998ع تي دل بيهڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

طالب الله مخدوم
جانش بهادر ۽ جان بيگ
آڏواڻي پارپتي رام ڪرشن
حقاني محمد حسن
سيٺ رگهوناٿ پنڊت بانسري نواز
ڌناڻي محمد رفيق
ڏهيسر
ارم زهرا
ڄام سڪندر (اول)
آر ڪي سڌوا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون